جيون سفر سِڪَ جو

جيون سفر سِڪَ جو

جيون سفر سِڪَ جو

جيون سفر سِڪَ جو (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري استاد ۽ سماجي ڪارڪن مرحوم الهرکيي ڳورڙ جي يادگيرين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ڳوٺ سوجهري ڳورڙ جو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. پنهنجي ٻالڪپڻ، تعليمي اوسر، سماجي ڪمن، فنڪارن، استادن، سياستدانن، راندين ۽ ثقافت جو پڻ احوال هن ڪتاب ۾ شامل آهي. زندگيءَ جي اهم واقعن ۽ حادثن جو پڻ تفصيل ملي ٿو. ڪتاب جو مهاڳ بشير سيتائي لکيو آهي. جڏهن ته ليکڪ پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ رنگين تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن. هي ڪتاب ڳوٺ سوجهري ڳورڙ تعلقي ميهڙ جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. هن ڪتاب کي بلوچ صحبت علي، سرجڻهار پبليڪيشن دادو پاران 2011ع ۾ شايع ڪرايو. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 512 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو